جهولي لال (فلم)

جهولي لال (فلم)

جهولي لال (فلم)

جهولي لال (فلم): سنڌي فلم جهولي لال 1964ع ۾ ممبئي, هندستان ۾ ٺهي. هيءَ فلم پروفيسر رام پنجواڻيءَ جي ناول ’آهي نه آهي‘ تي آڌاريل آهي. هن فلم ۾ جهولي لال جي مهما بيان ڪيل آهي. جهولي لال فلم ۾ ويساهه ۽ اَويساهه تي ڪهاڻي فلمايل آهي. هن فلم جا گيت پرسرام ’ضيا‘ لکيا هئا، رهيل گيت سندس وفات کان پوءِ مشهور گيتڪار شاعر، گوورڌن ڀارتيءَ لکيا، جن کي موسيقي، مشهور موسيقار سي. ارجن ڏني. هن فلم جا گانا عوام ۾ ڏاڍا مقبول ٿيا. هن فلم ۾ هندي فلمن جي مشهور پلي بئڪ سنگر مهيندر ڪپور کان سنڌي گيت ڳارايو ويو، جيڪو ڏاڍو مقبول ٿيو. فلم جو هدايتڪار ديپڪ آشا هو. هن فلم ۾ پروفيسر رام پنجواڻي، نٿن راج پنٽو ۽ ديپڪ آشا جي اداڪاري لاجواب آهي. هن فلم جا ڪلاڪار: رام پنجواڻي، رتنا، آنند، چندرا ميرچنداڻي ۽ نٿن راج پنٽو هئا، فلم ۾ پلي بئڪ سنگر جي حيثيت ۾ پروفيسر رام پنجواڻي، ماسٽر چندر، گرڌر ميراڻي، آشا هرگناڻي ۽ مهيندر ڪپور جا آواز شامل آهن. فلم تمام ڪامياب وئي. هن فلم جي وي. سي. ڊي به نڪتل آهي. هيءَ فلم ڪيسٽن وسيلي سنڌ ۾ به آئي ۽ ان کي پسند ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو